ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻو آهي، بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آهي، صوبي ۾ پاڻي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، سمورن صوبن ۾ ترقي جي رفتار هڪ جهڙي هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، مولان?? واسع، نوابزاده شاهه زين بگٽي، اسرار ترين، بلوچستان جو وقتي گورنر جان محمد جمالي، بلوچستان جو وڏو وزير م??ر عبدالقدوس بزنجو، صوبائي وزير ۽ صوبائ?? اسيمبلي ميمبرن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي واعدي موجب حڪومت ٺهڻ جي ٻن هفتن دوران ئي توهان جي خدمت حاضر ٿيو آهيان، الله تعاليٰ بلوچستان کي بي حساب قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي. هن چيو ته اسان کي ماضي جي غلطين مان سکڻو آهي، بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آهي، جڏهن پنجاب ۾ اسان جي حڪومت هئي ته اسان اين ايف سي ۾ بلوچستان جي ل??ءِ 11 ارب پنجاب جي حصي مان ڏنا. هن چيو ته هڪ ملڪ هڪ ڪٽنب وانگر هوندو آهي، سمورن صوبن ۾ ترقي جي رفتار هڪ جهڙي هجڻ گهرجي، تاريخ گواهه آهي، بلوچستان جي ماڻهن جون ملڪ جي ل??ءِ عظيم قربانيون آهن. هن چيو ته بلوچستان جي پاڻي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، الله تعاليٰ اسان کي هي ملڪ محنت ڪرڻ جي ل??ءِ ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي جي ل??ءِ مون کي توهان سڀني جو تعاون به گهربل آهي، اسان سڀني کي گڏجي بلوچستان جي ترقي يقيني بڻائڻي آهي.