اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گلوبلائيزيشن دنيا کي متحد ڪري ڇڏيو آهي، گلوبلائيزيشن جي ڪري سيڪيورٽي اندروني امن سان مشروط آهي ۽ پاڪستان امن ۽ اس??حڪ??م چاهي ٿو. اسلام آباد ۾ سيڪيور??ي ڊائي??اگ کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان امن ۽ اس??حڪ??م چاهي ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا جيو پوليٽڪس کان جيو اڪنامڪ?? طرف وڌي رهي آهي اسان نئين دور ۾ امن سان اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ترقي ۽ امن جو حصيدار آهي، اسان روايتي حصيداري کان به اڳتي جا لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي لاءِ وڏو ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿي??دو، اسان خطي ۾ غربت ۽ تعليم جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جو سپر سونڪ ميزائيل پاڪستان ۾ ڪرڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي. ڀارتي ميزائيل جي ڪري خطي ۾ سيڪيورٽي مسئلا جنم وٺي سگهيا پئي.