اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ح??ومت ٻين ملڪن سان اختلاف پيدا ڪرڻ جي حق ۾ نه آهي، تنهن هوندي به هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته قومي خودمختياري ۽ ملڪ جي سالميت تي ڪو به ٺاهه نه ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزارت جي آفيسرن کي خطاب ڪندي هن چيو ته نئين پاڪستان ۾ پرڏيه?? پاليسي ج?? ويزن قومي مفادن کي مٿانهون رکڻ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عالمي سطح تي بلاڪ سياست جي حمايت نٿي ڪري. پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته مضبوط پرڏيه?? پاليسي تي عمل ڪرڻ لاءِ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي. شاهه محمود قريشي پرڏيه?? پاليسي جي محاذ تي ح??ومت پاران ڪيل ڪيترن ئي قدمن جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ اقتصادي سفارتڪاري، انگيج آفريقه پاليسي، سينٽرل ايشيا ويزن پاليسي ۽ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن ڊويزن جو قيام شامل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتڪارن جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو پيو وڃي ۽ پرڏيه?? پاڪستانين پاران موڪليل وڏو مٽاسٽا جو ناڻو ان حقيقت جو عڪاس آهي. هن مارچ ۾ اسلام آباد ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن جي واکاڻ ڪئي.