اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته آمريڪا ۾ مهانگائي جي شرح گذريل هڪ سال ۾ 1.4 سيڪڙو کان 7.9 سيڪڙو تائين پهچي وئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير چيو ته مهانگائي سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، آمريڪا ۾ مهانگائي جي شرح گذريل هڪ سال ۾ 1.4 سيڪڙو کان 7.9 سيڪڙو تي پهچي وئي. ??تي 40 سالن جو مهانگائي جو رڪارڊ ٽٽي و??و ان جي باوجود وزيراعظم عمران خان پاڪستان ?? پيٽرول، ڊيزل 10 روپيا، بجلي 5 روپيا في يونٽ سستي، احسان راشن جي ذريعي عوام کي ريليف ڏنو.