اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جا لاڳاپا نئين بلندي تي پهچي ويا آهن، سينٽرل ايشيا کي لنگهه ڏيڻ وزيراعظم جو ويزن آهي جنهن سان وچ ايشيائي ملڪن سان لاڳاپا مستحڪم ٿيندا، ازبڪستان ??ي صدر جو پاڪستان جو دورو خصوصي اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازبڪستان جي قومي لباس ۽ ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين مصن??عا?? جي نمائش جي افتتاح جي موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ کان اسان ويجهي دوست ملڪ ازبڪستان جي ٽيڪسٽائيل مصن??عا?? ۽ روايتي لباس جي نمائش منعقد ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪستان جو صدر ان نمائش ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ازبڪ صدر پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان جا ازبڪ صدر سان پراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن جو اهم سربراهه ازبڪ صدر پاڪستان اچي رهيو آهي، سندس اهو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي سربراهن جو ويزن وچ ايشيائي ملڪن کي لنگهه ڏيڻ آهي جنهن سان ٻطرفي واپار ۽ گڏيل رابطن کي فروغ ملندو. وفاقي وزير چيو ته ازبڪستان سان ٽرين رو?? ڳنڍجڻ ۽ اڏامون شروع ٿيڻ سان واپاري لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان ٻئي ملڪ فائدو کڻندا. ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مغل بادشاهه ظهيرالدين بابر پڻ ازبڪستان مان آيو هو ۽ اه?? ئي سبب آهي جو اسان جا لاڳاپا تاريخي اهميت رکن ٿا. وزيراعظم عمران خان جي ازبڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي دوستي جي نئين سفر جي شر??عا?? ٿي آهي. ان کان اڳ ا??لا??ات واري وفاقي وزير ازبڪ زراعت واري وزير سان گڏ نمائش جو افتتاح ڪيو. ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ا??لا??ات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ازبڪ سفارتخاني جا سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. نمائش ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.