اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ س??ڪر??ٽريٽ موجب ملاقات دوران ٻن??ي ايوانن ۾ قانونسازي ۽ بين معاملن بابت تفصيلي خ??الن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سٺيون روايتون قائم ڪيون آهن ۽ هڪ ٻئي سان انتظامي سطح تي رابطي کي تمام گهڻي اهميت ڏني وئي آهي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته ٻن??ي ايوانن جي وچ ۾ قانونسازي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان تعاون مثالي رهيو آهي. ٻن??ي اڳواڻن اميد جو اظهار ڪيو ته ٻن??ي ايوانن پاران التوا هيٺ پيل قانونسازي کي فوري طور تي مڪمل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ۽ ٻيا سينيئرز پڻ موجود هئا.