اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي پاڪستان نيوي ۾ 10 قطري سي ڪنگ هيلي ڪاپٽر ڪميشن ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايو??ن صدر جي ميڊيا ونگ موجب هيلي ڪاپٽرز پاڪستان نيوي جي ايئر بورن فليٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، صدر اها منظوري آئين جي آرٽيڪل 243 تحت وزيراعظم جي ايڊوائيس ??ي ڏني، 10 هيلي ڪاپٽر قطر جي اميري ايئرفورس پاران پاڪستان نيوي کي تحفي ۾ ڏنا ويا آهن.