اسلام ??با?? – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي راءِ تي مڪمل يقين رکي ٿي، صحافت ۾ ڪورٽ ر??ور??ر جو ڪردار تمام اهم آهي، ڪورٽ ر??ور??رز ٽيڪينڪل فيلڊ آهي، وڪيلن وانگر صحافين کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اسلام ??با?? هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪب??د ڏيندي ڪيو. هن چيو ته غير جانبداراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ ۾ هلي سگهي ٿو، حڪومت فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته سڀني صحافين کي ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت پاران صحت ڪارڊ جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، ان موقعي تي چوڌري فواد حسين ايڪسپريس نيوز جي ثاقب بشير کي صدر، نيو نيوز جي ذيشان سيد کي جنرل سي??ري??ري، سينئر نائب صدر رضوان قاضي، انڊپينڊنٽ اردو سان لاڳاپيل مونا خان کي نائب صدر ۽ حسين احمد کي فنانس سي??ري??ري چونڊجڻ تي مبارڪب??د ڏني.