اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اعليٰ تعليم جو فروغ ملڪ جي ترقي جي وسيلو آهي، صوبن جي مشاورت سان تعليم جي بجيٽ ۾ اضافي جو پڪو ارادو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ جي حوالي س??ن اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزير شفقت محمود ۽ وزيراعظم ٽاسڪ ف??رس براءِ سائنس ۽ ٽيڪن??لا??ي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي وقتي چيئرمين ا??جن??ئر فاروق بزائي، ايڇ اي سي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شائسته سهيل، نياٽيل جي چيئرمين راشد خان، ٽيلي تعليم جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر اسد ڪريم ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي سائنس ۽ ٽيڪن??لا??ي بابت ٽاسڪ ف??رس جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحم??ن اجلاس کي اعليٰ تعليم جي فروغ جي لاءِ ايڇ اي سي کي گهربل وسيلن ۽ ٽيڪن??لا??ي جي استعمال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.