اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ”ڪير بکيو نه سمهي“ مو??ائ??ل لنگر جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. شروعاتي طور تي ان پروگرام جي لاءِ راولپنڊي، اسلام آباد کي ماڊل شهر قرار ڏنو ويو آه?? جڏهن ته وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته جون کان احساس پروگرام تحت 3 ڪروڙ خاندانن کي سڌوسنئون سبسڊي ڏيندا??ين?? آبادگارن کي ڀاڻ تي سڌوسنئون سبسڊي شروع ڪئي ويند??. و??يراعظم عمران خان احساس پروگرام تحت ”ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي غربت جي خاتمي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جي چيئرمين عنون عباس پروگرام جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏن??. و??يراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته احساس پروگرام جي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ سيڪريٽري سميت پوري ٽيم کي آئون مبارڪباد ڏيان ٿو، هنن پناهگاهن کي ڏسي مون کي خوشي ٿئي ٿي ته پورهيت جيڪي پنهنجي گهروارن جي لاءِ مح??ت ڪن ٿا، اهي پنهنجو پئسو بچائي انهن کي موڪلي سگهندا، اهي مزدور جيڪي سڀ کان مشڪل زندگي گذاري رهيا هوندا آه?? انهن جي لاءِ هي پناهگاهون هڪ پناهه آه??، هتي انهن کي عزت سان معياري کاڌو ۽ رهائش ڏني وڃي ٿي. هن عملي کي هدايت ڪئي ته اهي اهڙن ماڻهن سان صحيح طريقي سان پيش اچن، ائين نه ٿئي جو جهڙي طرح معاشري ۾ ڪمزور طبقي بابت سوچ آه??، ائين ئي انهن سان رويو رکيو وڃي بلڪه انهن کي بهتر ماحول ڏيو، ان جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي، شروع ۾ جڏهن هي پناهگاهون قائم ڪيون ته اتي معيار هيٺ ويو جڏهن ته هاڻي خوشي آه?? ته اهو معيار بهتر ٿي ويو آه??، هتي ڪم ڪندڙ مح??ت سان پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيا آه??. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي آه?? جو غريب ماڻهو کي ڏسي اها سوچ اختيار ڪئي وڃي ٿي ته ان کي غيرمعياري کاڌو ڏيڻ سان به ڪو فرق نه ٿو پوي، اسان کي انهن جو خيال ڪرڻو آه??، ڪيترائي علائقا اهڙا آه?? جتي ماڻهو بکيا سمهن ٿا، اسان هڪ فلاحي رياست بڻائڻ جو ذمو کنيو آه??، هي ان طرف پهريون قدم آه??. و??يراعظم چيو ته جن علائقن ۾ بک وڌيڪ هجي اتي ڌيان ڏيڻو آه??. و??يراعظم چيو ته اسان هن پروگرام مان تمام گهڻو ڪجهه سکندا??ين?? هي پروگرام پهريون ڀيرو شروع ڪيو ويو آه??، ان کي مسلسل بهتر بڻائيندا??ين?? ان جو پورو رڪارڊ رکندا??ين?? ان ۾ مسئلا به ايندا اهي حل ڪندا??ين?? ان جو دائرو پوري پاڪستان تائين وڌايو ويندو. وزيراعظم چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهن مون کي عطيو ڏنو آه??، جڏهن انهن کي اعتماد هجي ته هي ماڻهو الله جي واسطي ڪم ڪري رهيا آه?? ته ڪيترائي ماڻهو ان ۾ شامل ٿيندا، ملڪ ۾ کلي دل وارا ماڻهو آه?? جيڪي الله جي خوشنودي جي لاءِ پنهنجو مال خرچ ڪن ٿا.