اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو 25 سالا ڊگهو سياسي ڪيريئر چئلينجز سان ڀريل آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو ته انهن کي ڪهڙي طرح منهن ڏيڻو آ??ي، وزيراعظم عوام کي ريليف ڏئي انهن جي زندگي جي معيار ۾ تبديلي آڻڻ جي مشن تي گامزن آ??ي، وزيراعظم عمران خان پهرين ڏينهن کان پنهنجي واعدي تي قائم آهي ته بدعنوان عنصرن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي احتساب جو عمل جاري رهندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چ??و ته ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀ??رو ڪنهن وزيراعظم پاڻ قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ و??تو آهي جڏهن ته ان کي آئيني يا قانوني طور تي ان جي ڪا ضرورت نه هئي. علي محمد خان چ??و ته مون کي پارلياماني ميمبرن تي فخ?? آهي جن وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ اسان عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي جو سفر جاري رکنداسين.