اسلام آباد – 21 – جنوري (اي ??ي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياست انصاف ۽ انسانيت تي ٻڌل حقيقي فلاحي رياست هئي، نادرا پاران وراثتي سرٽيفڪيٽ 15 ڏينهن ۾ ج??ري ڪرڻ خوش آئنده آهي. هتي ليٽر آف ايڊمنسٽريشن ۽ وراثتي سرٽيفڪيٽ ج??ري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مديني جي رياست عو??م لاءِ ٺهي هئي، وقت جي خليفي پنهنجي مٿان پئسو خرچ نه ڪيو، جيڪو عو??م تي پئسو خرچ ڪندو هو. هن چيو موجوده حڪومت به عام ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ سڌارا آڻي رهي آهي ته جي??ن عام شهري مستفيد ٿين، هن چيو ته نئون قانون ج??ري ڪيو ويو آهي، هاڻي وراثتي سرٽيفڪيٽ 15 ڏينهن ۾ ملي ويندو ۽ اوورسيز پاڪستانيز به ان مان فائدو کڻندا. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ ۾ قبضا گروپ آهن جيڪي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا آهن، اوورسيز پاڪستانين جي زمينن تي قبضو ڪندا آهن ۽ متاثر ماڻهو پئسا ڏئي قبضو ڇڏرائيندا آهن، هن چيو ته جڏهن اسان جو عدالتي نظام بهتر ڪم ڪندو ته ڏوهن ۾ گهٽتائي ايندي.