اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ب??وچستان ۾ مڪمل امن امان کي يقيني بڻائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، گوادر جي تعمير ۽ ترقي جو منصوبو نه رڳو بلوچستان پر پوري علائقي جي لاءِ ??يم چينجر جي حيثيت رکي ٿو، گوادر ۽ سي پيڪ جي منصوبن مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ب??وچستان ۾ انفرااسٽرڪچر جي قيام تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. اه??ن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڊولپمينٽ ڪائونسل (قومي ترقياتي ڪائونسل) جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.