اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار وار?? وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته مقامي مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه شگر ايڊوائيزي بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان به شريڪ هو. اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائي موجب ملڪ ۾ کنڊ جي ذخيري جي مجموعي صورتحال جو جائزو ويو ۽ ايندڙ سيزن لا??ِ ڪمند جي فصل جي ڪاٿي جو به جائزو ورتو ويو. پڌرائي موجب ايندڙ پيڙهائي سال ۾ کنڊ جي مجموعي ذخيري جي پوزيشن جو به جائزو ورتو ويو. بورڊ مقامي مارڪيٽ ۾ کنڊ جي موجوده قيمتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. سمور??ون شگر ملون 21 نومبر کان پيڙهائي شروع ڪنديون. 21 تاريخ تائين پيڙهائي نه ڪندڙ ملن خلاف ڪارروائي ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته آبادگارن جون سمور??ون ادائيگ??ون پيڙهائي جي سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪ??ون وڃن ۽ جيڪي به ملون آبادگارن جون رهتون ادا نٿ??ون ڪن انهن کان روانگي واپار جي اجازت واپس وٺنداسين. راڻا تنوير حسين چيو ته جيستائين روانگي واپار جي پهرين ڪوٽا مڪمل نه ٿيندي وڌيڪ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. پڌرائي موجب پي ايس ايم اي وڌيڪ کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت گهري هئي.