اسلام آباد-18 جنوري (اي پي پي)پاڪس??ان اليڪٽ??ان?? ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) سمورن ٽي وي ۽ ريڊيو چئنلن کي هدايت ڪئي آهي ته هو عام چونڊن 2024ع بابت معاملن کي ڪوريج دوران اليڪشن ڪميشن آف پاڪس??ان مان جاري ٿيل ضابطه اخلاق ۽ پيمرا قانونن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائين. ضابطه اخلاق تي عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل قانونن تحت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. پيمرا طرفان سمورن لائسنس يافته سيٽلائيٽ ٽي وي چئنلز، ايف ايم ريڊيو اسٽيشنز کي جاري خط موجب سمورا ٽي وي چئنلز ۽ ريڊيو اسٽيشنز قومي خبرن لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪس??ان طرفان جاري ضابطه اخلاق جا پابند آهن. ضابطه اخلاق موجب چونڊ مهم دوران پرنٽ، اليڪٽ??ان?? ۽ ڊجيٽل ميڊيا تي نشر ٿيندڙ مواد، نظريه پاڪستان، خودمختياري، وقار يا سلامتي، امن امان يا پاڪس??ان جي عدليه جي سالميت ۽ آزادي ۽ ٻين قومي ادارن خلاف ڪنهن به راءِ جي عڪاسي نه ڪندو. اهڙا الزام ۽ بيان جيڪي قومي يڪجهتي کي نقصان پهچائي سگهن ٿا يا چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ کان وٺي اميدوار جي نوٽيفڪيشن تائين امن امان جي صورتحال پيدا ڪري سگهن ٿا، انهن کي پرنٽ ۽ اليڪٽ??ان?? ميڊيا ۽ ڪنهن به ميڊيا پرسن، اخبار ۽ چئنل کي آپريٽ ڪندڙ سرڪاري اڪائونٽ ڊجيٽل ميڊيا ۽ ٻين سوشل ميڊيا تي اثر انداز ٿيندڙ اڪائونٽ ??ان شايع يا نشر ڪرڻ جي سختي سان پاسو ڪيو ويندو. پرنٽ ۽ اليڪٽ??ان?? ميڊيا تي موجود مواد ڪنهن به ميڊيا پرسن، اخبار، ڊجيٽل ميڊيا تي آفيشل اڪائونٽس هلائيندڙ چينل ۽ سوشل ميڊيا تي اثر انداز ٿيندڙ ڪنهن به رخ کي شامل ڪيو ويندو جهڙوڪ جنس، مذهب، فرقو، ذات، برداري وغيره جي بنياد تي اميدوارن يا سياسي پارٽين جي ذاتي حملي طور تي سمجهي سگهجي ٿو، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪڏهن ڪو اميدوار ڪنهن ٻي اميدوار تي الزام لڳائي ٿو ته ميڊيا کي گهرجي ته هو ٻنهي ڌرين کي هڪجهڙو موقعو فراهم ڪندي ٻنهي ڌرين سان راءِ ۽ تصدي?? طلب ڪري.