اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پل??ٽ فارم تان ترڪي ڪرندڙ ماڻهو کي بچائيندڙ نوجوان پولي?? اهلڪار ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙو کي اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ??يو آهي ته فرض جي شوق سان ادائيگي تي اسان ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙو کي 23 مارچ تي اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سوره المائده جي هڪ آيت ”جنهن هڪ انساني زندگي بچائي ان ڄڻ سڄي انسايت بچائي“ جو ترجمو به شيئر ڪيو. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم هڪ وڊيو ڪلپ شيئر ڪيو جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ نوجوان پولي?? اهلڪار ريلوي اسٽيشن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو ??و جڏهن هڪ مسافر پل??ٽ فارم تان ترڪي ڪريو ته نوجوان پولي?? اهلڪار تيزي سان ڊوڙي ڄاڻايل ماڻهو کي ٽرين هيٺ اچڻ کان بچائي ورتو. ان تي وزيراعظم ??يو ته فرض سرانجام ڏيڻ انتهائي مقدس آهي، هن عوام جي خدمت ۾ مصروف نوجوان پولي?? اهلڪار جي جذبي جي واکاڻ ڪئي.