اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گوادر بندرگاهه جي ترقي ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري ??ان علائقائي واپار کي فروغ حاصل ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر محمد قاسم خان سوري ۽ بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا سان ملاقات دوران ڪيو. ??در ڊاڪٽر عارف علوي بلوچستان جي گورنر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صوبي جي ماضي جي محرومين جو ازالو ڪرڻ لاءِ بلوچستان تي خاص ڌيان جي ضرورت آهي، وفاقي حڪومت بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي بلوچستان پيڪيج سان صوبي ۾ خوشحالي ايندي. وفاقي حڪومت بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، حڪومت صوبي جي نوجوانن کي سکيا ۽ کين روزگار جا موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري ??هي آهي. ??در چيو ته گوادر بندرگاهه جي ترقي ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري ??ان علائقائي واپار کي فروغ حاصل ٿيندو.