اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي سياسي خودغرضي جو هڪ ٻيو مثال اهو آهي ته هو هر احتجاج ۾ پنهنجو ??هنڊو کڻي پهچي وڃن ٿا، اڄ حڪومت جن مشڪلاتن ۽ مسئلن جو ??ڪار آهي ان جي ذميوار مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي آهي، انهن ٻنهي پارٽين ملڪي وسيلن کي بيدردي سان ڦريو ۽ پنهنجا اثاثا ٺاهيندا رهيا، ملڪي مفاد جي بيانيي کي ترويج ڏيڻ لاءِ ٻين شعبن وانگر ميڊيا جو ??ه اهم ڪر??ار آهي، حڪومت مهانگائي تي ضآبطو آڻڻ لاءِ هنگامي قدم کڻي رهي آهي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ دير بالا پريس ڪلب جي ??ئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته دير بالا پريس ڪلب جي عهديدارن جا ٿورا مڃان ٿو جو ??هي اسلام آباد آيا آهن، دير بالا پريس ڪلب جو نيشنل پريس ڪلب سان ويجهو رابطو سٺي ڳالهه آهي، جنهن سان پيشيوراڻيون صلاحيتون بهتر ٿينديون، هن دير بالا پريس ڪلب جي عهديدارن کي خاطري ڪر??ئي ته جلد دير بالا پريس ڪلب جو ??ورو ڪندس، هن چيو ته صحافي پنهنجي ??قامي، علائقائي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي بيانيد کي ترويج ڏيڻ لاءِ اهم ڪر??ار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪابينا جي اڪثر اجلاسن ۾ سرڪاري ملازمن جو ??ڪر ڪ??دو رهيو آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سرڪاري ملازمن جي ??گهارن جو مسئلو فوري طور تي حل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ اعليٰ سطحي ڪابينا ڪميٽي به قائم آهي، جنهن ۾ وفاقي ??زير پرويز خٽڪ، شيخ رشيد، حفيظ شيخ شامل آهن، اها ڪميٽي ملازمن سان ڳالهائي رهي آهي، احتجاج ڪندڙ مطئمن ٿي ويندا. هن چيو ته اڄ جي ??سئلن جو ??نيادي سبب اڳوڻين حڪومتن جي ??ااهلي ۽ منصوبابندي جي کوٽ آهي.