اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) ??اڪ??تان تحريڪ انصاف جي حڪومت ورثي ۾ مليل مشڪل اقتصادي حالتن کي منهن ڏيڻ ۽ زبون حال معيشيت جي بحالي جي لاءِ ٺوس ۽ پائيدار بنيادن تي قدم کنيا آهن، جنهن جي ڪري قومي معيشيت بحالي جي راهه تي گامزن ٿي وئي اهي. ڪووڊ- 19 عالمي وبا باوجود تازا انگ اکر معيشيت جي مضبوطي، ڦهلاءُ ۽ بحالي جي مرحلي جي نشاندهي ڪري رهيا آهن. جاري مالي سال جي دوران قومي معيشيت جي حوالي سان اهڃان هاڪاري آهن. پرڏيهه ۾ رهندڙ ??اڪ??تانين طرفان اماڻيل ناڻي ۾ 26.5 سيڪڙو،، سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 9. 1 سيڪڙو ۽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ 4.5 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. مل??ي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرائمري بيلينس 258 ارب روپيا واڌو ٿي ويو آهي. سال 2018ع ۾ حڪومت کي مشڪل اقتصادي حالتون ۽ معيشيت ورثي ۾ ملي، معاشي ڏکيائين ۽ حد درجي تائين وڌيڪ حڪومتين خرچن تي ??اب??ي لاءِ حڪومت سخت مالياتي نظم ضبط لاڳو ڪيو، محصولن ۾ ا??افو ڪيو ويو، مارڪيٽ جي لحاظ کان ايڪسچينج ريٽ متعارف ڪرايو ويو، ٽيڪسن ۾ وڏي ڇوٽ ۽ مڪمل ڇوٽ جو خاتمو ڪيو ويو، جڏهن ته آمدني واپار جي حوصله شڪني ڪئي وئي. انهن قدمن جي نتيجي ۾ ??اڪ??تان مالياتي ۽ جاري حسابن جي خساري تي ??اب??و آڻڻ ۾ ذڪر جوڳي بهتري ڏيکاري، پهريون ڀيرو پرائمري بيلينس واڌو ۾ اچي ويو، جنهن جو ماضيءَ ۾ مثال نه ٿو ملي. ڪووڊ- 19 عالمي وبا کان پهرين سمورا معاشي اهڃاڻ نمايان بهتري جي عڪاسي ڪري رهيا هئا، ڪووڊ- 19 جي عرصي ۾ حڪومت سمارٽ لاڪ ڊ??ئون جي پاليسي اختيار ڪئي، جنهن جو مقصد وبا جي ڦهلاءَ کي روڪڻ ۽ گڏوگڏ معيشيت کي فعال ۽ متحرڪ رکڻ هو. سمارٽ لاڪ ڊ??ئون پاليسي تحت ڪجهه ڪاروباري شعبا کوليا ويا، جڏهن ته ڪجهه کي محدود پيماني تي ڪاروبار جاري رکڻ جي اجازت ڏني وئي ته جيئن ڏکي وقت ۾ وبا جي ناڪاري اثرن کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي. حڪومت معاشي بحالي واري عمل کي تيز ڪرڻ جي لاءِ زراعت ۽ اڏاوتي شعبن کي سهولتون ڏيڻ جي ڏس ۾ ڪيترائي اپاءَ ورتا. وزيراعظم عمران خان زرعي شعبي جي لاءِ 24 ارب روپين جي پيڪيج جي منظوري ڏني آهي ته جيئن هارين کي گهٽ اگهه تي زرعي اسمن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار (ايس ايم ايز) کي ڪيش جي مسئلي ۽ بيروزگاري کان بچائڻ جي لاءِ رليف پيڪيج ڏنو ويو. حڪومت ڏهاڙي تي پورهيو ڪندڙ هڪ ڪروڙ 50 لک ڪٽنبن کي 12 هزار روپيا في ڪٽنب روڪ امداد ڏيڻ جي لاءِ ”احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام“ شروع ڪيو، ان مقصد لاءِ 144 ارب روپيا رکيا ويا. مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ قومي معيشيت جي حوالي سان اهڃاڻ مثبت رهيا آهن، پرڏيهه ۾ رهندڙ ??اڪ??تانين طرفان اماڻيل ناڻي ۾ 26.5 سيڪڙو، سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 9.1 سيڪڙو ۽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ 4.5 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو. پرائمري بيلينس 258 ارب روپيا واڌو ٿي ويو. حڪومت جي بروقت ۽ دانشمنداڻين پاليسين جي ڪري وڏين صنعتن جي پيداوار ”ايل ايس ايم“ ۾ 4.8 سيڪڙو ۽ سيمينٽ جي پيداوار ۾ 20 سيڪڙو اضافو ٿيو. سيمينٽ جي 100 سيڪڙو پيداواري صلاحيت حاصل ڪئي وئي. اهڙي ريت جولاءِ کان آڪٽوبر 2020ع تائين جي مدي ۾ ڪارن، موٽرسائيڪلن ۽ ٽريڪٽرن جي وڪري ۾ ذڪر جوڳو اضافو ٿيو. ڪووڊ- 19 عالمي وبا جي باوجود تازا انگ اکر معيشيت جي مضبوطي، ڦهلاءُ ۽ بحالي جي مرحلي جي نشاندهي ڪري رهيا آهن. حڪومت نجي شعبي جي معاونت تي پختو يقين رکي ٿي ۽ ان شعبي کي معاشي شعبي جي ترقي جي انجڻ سمجهي ٿي، حڪومت جامع ۽ پائيدار اوسر جي لاءِ ادارن جي صلاحيتن ۾ بهتري تي يقين رکي ٿي. ڪريڊٽ ريٽنگ جي بين الاقوامي اداري ”موڊيز“ آگسٽ 2020ع ۾ ??اڪ??تان جي معاشي درجه بندي کي ”مستحڪم“ قرار ڏنو هو. حڪومت غير مل??ي سيڙپڪاري جي شعبي ۾ آزاداڻي پاليسي متعارف ڪرائي، ڪاروبار ۾ آسانين لاءِ قدم کنيا ويا. ان حوالي سان عالمي انڊيڪس ”اي او بي ڊي“ ۾ 2018ع ۾ ??اڪ??تان جي پوزيشن 147، 2019ع ۾ 136 ۽ 2020ع ۾ 108 نمبر تي اچي وئي آهي. ??اڪ??تان ۾ پرڏيهه مان ايندڙ ناڻي ۽ سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ ا??افو ٿيو آهي، جيڪا ??اڪ??تان جي معيشيت تي اعتماد جي عڪاسي آهي.