اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان سان توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان هتي ملاقات ڪئي، توانائي واري وزير انڊسٽريل پيڪيج، توانائي ۽ پيٽروليم بابت معاملن تي و??ير??عظم ک?? بريف ڪيو. و??ير??عظم ميڊيا آفيس موجب هن چيو ته صنعتي شعبي کي رعايتي اگهن تي بجلي جي فراهمي جي حڪومتي فيصلي جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن، و??ير??عظم ڪاروباري طبقي پاران بجلي جي اگهن جي حوالي سان حڪومتي فيصلي جي آجيان تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ انڊسٽري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.