اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ وسيع صلاحيت موجود آهي، ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ آءِ ٽي جي مصنوعات جو روانگي واپار وڌائڻ لاءِ ان صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ خ??وصي ٽيڪنالاجي زون قائم ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ??يو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جا نوجوان نظر انداز ڪيل آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ما?? وڌ کا?? وڌ فائدو کڻندا، وزيراعظم غير ملڪي سيڙپڪاري کي حاصل ڪرڻ لاءِ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز ??ي قيام ۾ خ??وصي مراعتن کي به حتمي شڪل ڏيڻ جي ??دا??ت ڪئي.