اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ??بلي فراز ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته جيستائين ڪشميرين کي خودمختياري جو حق حاصل نه ٿيندو تيستائين پاڪستان انهن جي حمايت جاري رکندو. هو پرڏيهي آفيس ۾ ڀارتي ظلمن ۽ ڏا?? خلاف ڪاري ڏينهن جي حوال?? سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.