اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم ڪراچي جي لاءِ وڏي پئڪيج جو اعلان ڪندو، چاهيون ٿا ته ??نڌ ۾ جيڪي فنڊز استعمال ٿين انهن ۾ شفافيت هجي، مخالف ڌر ملڪ کي ٻوڙي ڇڏيو، مني لانڊرنگ روڪڻ جي لاءِ قانونسازي بڻائي رهيا آهيون، جمهوريت جو مقصد احتساب ??جڻ گهرجي،. هو نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاق سنڌ لاءِ ڪم ڪرڻ وڃي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي ڪراچي جي دوري دوران ڪراچي پلان جي وڏي پئڪيج جو اعلان ڪندو، هن چيو ته ??لاول چوي ٿو ته ??نڌ ۾ 1800 ارب روپيا لڳايا پر ڪٿي نظر نه اچي رهيا آهن، هن چيو ته وفاق سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ وڃي رهيو آهي، عوام جو پئسو لڳائڻ وڃي رهيا آهيون جنهن ۾ شفافيت هوندي، هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته ??سان صوبائي خودمختياري جي حمايت ڪريون ٿا، 18 هين ترميم جي ڪري مداخلت نٿا ڪري سگهون، مدد ڪري سگهون ٿا.