اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پائيدار حڪمت عملي تحت معاشري جي ڪمزور ۽ وچولي طبقي جي سهولت لاءِ 4 هزار يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي ??ٽي?? گيهه، کنڊ ۽ دالين تي 5 مهينن دوران 10 ارب جي سبسڊي ڏيڻ، ڪامياب جوان پروگرام تحت يوٽيلٽي اسٽورز جي تعاون سان 2 هزار يوٿ اسٽور کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات ??اب?? خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، مذهبي معاملن ??ار?? وفاقي وزير پير نورالحق قادري سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مهانگائي جي خلاف عوام ۽ خاص طور تي غريب ۽ گهٽ آمدني ??ار?? ماڻهن کي رليف ڏ??ڻ جي حوالي سان حڪومت پاران وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي.