جنيوا – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۽ عالمي ب??اد??ي کان والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ ڀارت ۾ تڪراري شهريت بل جي منظوري جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪ??دي چيو آهي ته دنيا ڄاڻي وٺي ته ڀارت ۾ پناهگيرن جو هڪ وڏو بحران جنم وٺي رهيو آهي، 5 آگسٽ کان والاريل ڪشمير جي 80 لک عوام قيد آهي، ڄاڻي واڻي مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پناهگيرن بابت عالمي فورم کي خطاب ڪ??دي ڪيو، وزيراعظم چيو ته پناهگيرن بابت پهرين عالمي فورم جي انعقاد تي خوشي ٿي.